شبير ساگر

شبير ساگر

شبير ساگر

شبير ساگر: ٻاراڻي ادب جي بهترين ليکڪ شبير ساگر، 22 جنوري 1971ع تي ڪوٽ عالمو، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جو آغاز 1981ع ڌاري ‘گل ڦل’ رسالي کان ڪيو. جنهن بعد سندس ڪيتريون ڪهاڻيون گل ڦل کان سواءِ ٻالڪ رنگ، ساٿي ۽ سنڌي ٻارڙا ۾ شايع ٿيون. هن ٽنڊي ڄام مان ‘ناياب’ نالي سان ٻاراڻو رسالو جاري ڪيو. ڪجهه عرصي بعد 1997ع ۾ ٽنڊي ڄام مان ‘گلڙا’ نالي سان ٻاراڻو رسالو جاري ڪيو، جيڪو 2003ع تائين مقبوليت سان جاري ٿيندو رهيو. هن رسالي پاران ٻارن لاءِ علمي، ادبي تنظيم ‘گلڙا سنگت’ پڻ قائم ڪئي. پاڻ ڪجهه عرصو پندره روزه عبرت مئگزين ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو. کيس ٻاراڻي ادب ۾ خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن. هي هن وقت تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.22  عيسوي

شبير ساگر، 22 جنوري 1971ع تي ڪوٽ عالمو، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد قطب شاهه
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
آءِ ايڇ ٽانٽن
سسئي
چانڊيو سٻڙ خان
ڀڳت ٽهليارام
حنيف صديقي
اهروي عبدالمجيد ماجد
مظهر ابڙو
جمال خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون